پيار ۽ آزادي

پيار ۽ آزادي

پيار ۽ آزادي

پيار ۽ آزادي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب سنڌ جي ناليواري مزاحمتي شاعر سرڪش سنڌيءَ جي شاعريءَ تي مشتمل آهي، هن ڪتاب ۾ سرڪش سنڌيءَ جا غزل، نظم، آزاد نظم ۽ وايون ڏنل آهن، هن ڪتاب ۾ سرڪش سنڌيءَ جي ڪيتري ئي اهڙي شاعري ڏنل آهي، جن قومي گيتن کي عوام ۾ ڪافي پذيرائي مليل آهي، ”زبان رت سان ڀري پئي آ“ سميت ڪيترائي اهڙا شاهڪار نظم هن ڪتاب ۾ شامل آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ ”جيڪا سمجهي مون“ جي عنوان سان سرمد چانڊئي لکيو آهي، جڏهن ته ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي مهان ڪوي شيخ اياز جو تاثر ڏنل آهي، هي ڪتاب سنڌ ڌرتيءَ جي ناليواري شاعر استاد بخاريءَ کي ارپيل آهي. ڊيمي سائيز جي 290 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب کي 1993ع ۾ چانڊڪا پبليڪيشن لاڙڪاڻي پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو ۽ هن ڪتاب جي قيمت 50 روپيا آهي.


لفظ پيار ۽ آزاديھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو